ذبح ۽ شڪار

ذبح ۽ شڪار

ذبح ۽ شڪار

ذبح ۽ شڪار (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف مشهور عالم ۽ محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي آهي. هي ڪتاب سنڌ جي آڳاٽن ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪو فقير محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽويءَ جديد ٻوليءَ ۽ صورتخطيءَ ۾ آندو آهي. ان کان اڳ هن انهيءَ ڪتاب جو هڪ سادو ڇاپو پڻ ڇپايو هو. 75 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ٻه باب آهن: (1) ذبح يعني حلال ڪرڻ جي مسئلن بابت آهي، جنهن ۾ چوپائن جانورن، حلال ۽ حرام جي فرق سان پکين ۽ سُرندڙ جانورن سميت آبي جيوَت جو بيان، حرام جانورن جي جدول ۽ ٻي معلومات شامل آهي، (2) شڪار جي مسئلن بابت آهي ته جيئن مسلمانن کي حلال ۽ حرام جي ڄاڻ ميسر ٿي سگهي. انهيءَ موضوع تي هي مڪمل ڪتاب چئي سگهجي ٿو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ان کان اڳ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا ٻه ڪتاب ’فرائض الاسلام‘ ۽ ’راحت المؤمنين‘ پڻ ڇپايا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ محمد اسماعيل ڪنڀار طرفان ’متفرق مسئلا‘ ۽ ’وضاحت‘ جي عنوان سان ٻه مضمون پڻ ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ان جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو